پاڪستان پوليو جي خلاف مسلسل اڳڀرائي ڪئي آهي: آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پوليو جي عالمي ڏينهن تي پوليو جي خاتمي ۽ هر ٻار کي قابل علاج بيمارين کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پوليو جي خلاف مسلسل اڳڀرائي ڪئي آهي پر اهو ڪم اڃان مڪمل ناهي ٿيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ورلڊ پوليو ڊي جي موقعي تي خاتون …

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پوليو جي عالمي ڏينهن تي پوليو جي خاتمي ۽ هر ٻار کي قابل علاج بيمارين کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پوليو جي خلاف مسلسل اڳڀرائي ڪئي آهي پر اهو ڪم اڃان مڪمل ناهي ٿيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ورلڊ پوليو ڊي جي موقعي تي خاتون اول پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سڀني کي متحد ٿي پاڪستان کي مڪمل طور تي پوليو فري بڻائڻو پوندو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد 1994ع ۾ پاڪستان ۾ پهري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪئي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن اڄ به قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پوليو جي خلاف قومي مهم سان منهنجو ذاتي تعلق آهي، اهو سفر منهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو شروع ڪيو هو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد بطور وزيراعظم مون کي پوليو جا ڦڙا پياري پاڪستان جي پهرين پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ڪئي هئي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پوليو جي خلاف نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي پر هدف اڃا باقي آهي، هر ٻار جنهن تائين ويڪسين ناهي پهتي خطري ۾ آهي، هر گهر ۽ ڪميونٽي تائين پهچ ضروري آهي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پوليو مهم جي ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي عورت ويڪسينيٽرز جي ڪردار ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن جي ڪوششن پاڪستان کي پوليو کان پاڪ مستقبل جي ويجهو پهچايو آهي. هن والدين، سرپرستن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن کي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور تعاون جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته متحد ٿي اسان پنهنجي ٻارن کي محفوظ مستقبل ڏئي سگهون ٿا.