مصر پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو پر ان سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

راولپنڊي - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته مصر پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو پر ان سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل …

راولپنڊي – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته مصر پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو پر ان سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن وقت عرب جمهوريه مصر جي سرڪاري دوري تي آهي. ان دوري جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ عسڪري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ آهي. فيلڊ مارشل مصر جي دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وزير جنرل عبدالمجيد صقر ۽ مصري هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل احمد خليفه فتحي سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فيلڊ مارشل چيو ته مصر پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو پر ان سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. دفاع واري وزارت جي دوري دوران فيلڊ مارشل جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. فيلڊ مارشل نامعلوم سپاهي جي يادگار ۽ مرحوم صدر محمد انور السادات جي قبر تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي. فيلڊ مارشل الازهر يونيورسٽي جي مفتي اعظم امام شيخ احمد الطيب سان پڻ ملاقات ڪئي. مفتي اعظم مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل انتهاپسنداڻي نظرين ۽ اسلام جي متضاد تشريحن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.