اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت اضافي 7 هزار ميگاواٽ بجلي صنعت ۽ زراعت کي سستي اگهن تي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن قدمن سان نه صرف پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي پر معيشت کي هٿي ملندي. جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته ملڪ ۾ 7 هزار ميگاواٽ واڌو بجلي موجود هئي، …
اضافي 7 هزار ميگاواٽ بجلي صنعت ۽ زراعت کي سستي اگهن تي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت اضافي 7 هزار ميگاواٽ بجلي صنعت ۽ زراعت کي سستي اگهن تي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن قدمن سان نه صرف پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي پر معيشت کي هٿي ملندي. جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته ملڪ ۾ 7 هزار ميگاواٽ واڌو بجلي موجود هئي، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اها بجلي صنعتي ۽زرعي شعبن کي فراهم ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته هي ٻئي شعبا ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. وفاقي وزير ٻُڌايو ته صنعتي شعبي لاءِ اضافي بجلي جي يونٽ جي قيمت 34 رپين مان گهٽ ڪري 22.98 پئسا جڏهن ته زرعي شعبي لاءِ اضافي يونٽ جي قيمت 38 رپين مان گهٽ ڪري 22.98 پئسا ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ان فيصلي سان صارفين لاءِ بجلي جي سراسري قيمت خريد ۾ گهٽتائي ايندي ۽ صنعت ۽ زراعت جي شعبن کي اضافي بجلي جي استعمال تي گهٽ اگهن تي بجلي مهيا ڪئي ويندي جنهن سان پيداوار ۾ واڌ ممڪن ٿيندي. اويس لغاري چيو ته جيڪڏهن زرعي صارف پهرين 100 يونٽ استعمال ڪري رهيا هئا ته اضافي 100 يونٽ جي استعمال تي ان جي سراسر بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا في يونٽ گهٽتائي ايندي جڏهن ته صنعتي شعبي ۾ جيڪڏهن اوهان هزار يونٽ استعمال ڪري رهيا هئا ته هاڻ اضافي هزار يونٽ جي استعمال تي سراسر بجلي جي قيمت ۾ تقريبن 5 رپيا في يونٽ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته صنعت لاءِ پهرين ئي قيمتون گهٽ ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻ وڌيڪ گهٽتائيءَ سان صنعتي سرگرمين کي هٿي ملندي. توانائي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته ان قدم سان معيشت ۾ بهتري ايندي.










