اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ان کي علائقائي رابطي جو قدرتي مرڪز بڻائي ٿي، اسان جو ويزن آهي ته رستي، ريل، فضائي، سامونڊي، توانائي ۽ ڊيجيتل لنگهن جي ذريعي خطي ۾ پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏنو وڃي، رابطاڪاري رڳو انفراسٽرڪچر نه پر اعتماد، موقعن ۽ گڏيل مقدر …
پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ان کي علائقائي رابطي جو قدرتي مرڪز بڻائي ٿي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ان کي علائقائي رابطي جو قدرتي مرڪز بڻائي ٿي، اسان جو ويزن آهي ته رستي، ريل، فضائي، سامونڊي، توانائي ۽ ڊيجيتل لنگهن جي ذريعي خطي ۾ پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏنو وڃي، رابطاڪاري رڳو انفراسٽرڪچر نه پر اعتماد، موقعن ۽ گڏيل مقدر جي تعمير جو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علائقائي ٽرانسپورٽ وزيرن واري ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ڪابينا جا ميمبر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو روڊ سيفٽي بابت خصوصي ايلچي، مختلف ملڪن جا سفير، سفارتي نمائندا ۽ اعليٰ حڪومتي عملدار پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت رابطن ۽ حصيداري عمل جي ذريعي اقتصادي واڌويجهه ۽ خطي جي گڏيل خوشحالي جي لاءِ پرعزم آهي. هن مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ سندس ٽيم جي اها ڪانفرنس منقعد ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته دنيا جاگرافيائي ۽ اقتصادي تبديلين، نئين واپاري لنگهن، ڊيجيٽل انضمام ۽ پائيداري طرف وڌي رهي آهي ان لاءِ علائقائي رابطا استحڪام، ترقي ۽ گڏيل اڳڀرائي لازمي آهي. هن چيو ته وچ ايشيا هاڻي هڪ حقيقي ٽرانس يوريشين لينڊ برج جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي جتي رستي، ريل، تيل ۽ گئس جا منصوبا منڊين کي ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي رهيا آهن، اهي منصوبا رڳو انفراسٽرڪچر نه پر گڏيل موقعن جا دروازا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تيز رفتار موٽرويز ۽ قومي رستا علائقائي ۽ داخلي رابطي جي ڪرنگهي جي هڏي آهن جيڪي اهم سرحدي گذرگاهن کي ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن سان ڳنڍين ٿا. چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي ويزن جو سڀ کان روشن مثال آهي جيڪو توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ واپار جي فروغ سان گڏ پوري خطي جي لاءِ فائديمند بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي فريم ورڪ معاهدو هڪ تاريخي قدم آهي جيڪو نيون واپاري راهون کوليندو جڏهن ته استنبول – تهران – اسلام آباد (آءِ ٽي آءِ) رستو ۽ ريل لنگهه يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ گهٽ لاڳت زميني پُل فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪاسا – 1000 ۽ تاپي – 500 جهڙن توانائي جي منصوبن ۾ سرگرم حصيدار آهي جيڪي خطي ۾ توانائي جي تحفظ ۽ اقتصادي واڌويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان 126 ملڪن جي شهرين جي لاءِ اي – ويزا سهولت متعارف ڪرائي آهي خاص طور تي نار رياستن ۽ وچ ايشيا جي لاءِ ته جيئن واپار، سياحت ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان بندرگاهن ۽ لاجسٽڪس نظام کي جديد رخن تي قائم ڪري رهيو آهي ۽ فضائي ۽ ڊيجيٽل رابطن جي فروغ تي پڻ ڌيان ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ ڊيجيٽل ٽريڊ پليٽ فارمز ۽ اي – پورٽ انٽيگريشن سان واپار کي موثر، شفاف ۽ مقابلي وارو بڻايو پيو وڃي. هن ترقياتي حصيدارن، گڏيل قومن جي ايجنسين، گهڻ ملڪي بئنڪن ۽ علائقائي تنظيمن جي معاونت کي ساراهيو جن جي ڪري اهي منصوبا اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته اهي قدم رڳو ترقياتي منصوبا نه آهن پر علائقائي انضمام، اقتصادي تبديلي، امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن. هن چيو ته هي ڪانفرنس تعاون جا نوان عملي قدم طئي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان رابطا منصوبن جي هم آهنگي، سرحد پار سهولتڪاري، گڏيل سيڙپڪاري جي فروغ ۽ علائقائي ويليو چينز کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن زور ڏنو ته اسان سڀني کي پنهنجي حڪمت عملين کي هم آهنگ ڪري پائيدار حصيداريون قائم ڪرڻيون پونديون، اسان گڏجي انهن لنگهن کي ترقي ۾ بدلائي سگهون ٿا.











