اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان وفاقي وحدت، اداره جاتي هم آهنگي ۽ صوبائي برابريءَ جي حقيقي علامت آهي. سينيٽ اهڙو ادارو آهي جيڪو سڀني صوبن کي برابريءَ جي نمائندگي فراهم ڪري ٿو ته جيئن هر علائقي جو آواز قومي پاليسين ۾ ٻُڌي ۽ شامل ڪري سگهجي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن نيشنل ورڪشاپ …
سينيٽ وفاق جي علامت، صوبائي برابري ۽ قومي يڪجهتيءَ کي هٿي ڏيڻ جو ضامن ادارو آهي: سيدال خان

مزید خبریں
اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان وفاقي وحدت، اداره جاتي هم آهنگي ۽ صوبائي برابريءَ جي حقيقي علامت آهي. سينيٽ اهڙو ادارو آهي جيڪو سڀني صوبن کي برابريءَ جي نمائندگي فراهم ڪري ٿو ته جيئن هر علائقي جو آواز قومي پاليسين ۾ ٻُڌي ۽ شامل ڪري سگهجي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن نيشنل ورڪشاپ بلوچستان 17 جي شرڪت ڪندڙن جي مان ۾ رٿيل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين نيشنل ورڪشاپ پروگرام منعقد ڪرڻ تي انتظاميه ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي ورڪشاپ نه صرف بلوچستان جي مسئلن جي فهم ۽ انهن جي پائيدار حل لاءِ اهم آهي پر قومي يڪجهتيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سينيٽ هميشه بلوچستان جي عوام جي مسئلن کي پهرين ترجيح ڏني آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جي ترقي، تعليم، روزگار جا موقعا ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري سينيٽ جي پاليسين ۽ قانونسازيءَ جو اهم حصو رهي آهي. سينيٽ جون مختلف پارلياماني ڪميٽيون بلوچستان جي عوامي مفاد سان جڙيل معاملن تي مسلسل ڪم ڪري رهيون آهن ته جيئن صوبي جي عوام کي بااختيار بڻائي سگهجي ۽ ترقيءَ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ٿين. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته بلوچستان جي عوام پاڪستان جي استحڪام ۽ قومي يڪجهتيءَ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، سينيٽ ان عزم کي ورجائي ٿو ته بلوچستان جي ترقي ئي پاڪستان جي ترقي آهي. هن چيو ته هڪ مضبوط وفاق ئي هوندو آهي جتي سمورا صوبا پاڻ کي فيصلا سازيءَ جو حصو ۽ قومي ترقيءَ ۾ شريڪ محسوس ڪن. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جهڙا پروگرام مستقبل جي رهنمائن کي تربيت ڏيڻ ۽ قومي پاليسين جي حوالي سان بهتر فهم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اوهان جهڙا باصلاحيت ماڻهو ئي پاڪستان جي مستقبل جا معمار آهن، مون کي يقين آهي ته اوهان ان ورڪشاپ مان حاصل ڪيل علم تجربي کي پنهنجي ادارن ۽ علائقن ۾ ڪتب آڻي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن آخر ۾ اميد ظاهر ڪئي ته نيشنل ورڪشاپ بلوچستان قومي هم آهنگي، عوامي شموليت ۽ استحڪامِ پاڪستان کي هٿي وٺرائڻ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد جي دولت سان نوازي.











