اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته بار ايسوسيئيشنز عدالتي نظام جي مضبوطيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، قانون ۽ انصاف واري وزارت ان جي پيشيوراڻين ضرورتن لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي رهندي. وزارت جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن مختلف وڪيلن جي وفدن سان ملاقات ۾ ڪيو. انهن وڪيلن جي وفد ۾ راولپنڊي ڊسٽرڪٽ …
بار ايسوسيئيشنز عدالتي نظام جي مضبوطيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته بار ايسوسيئيشنز عدالتي نظام جي مضبوطيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، قانون ۽ انصاف واري وزارت ان جي پيشيوراڻين ضرورتن لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي رهندي. وزارت جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن مختلف وڪيلن جي وفدن سان ملاقات ۾ ڪيو. انهن وڪيلن جي وفد ۾ راولپنڊي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن گجرانوالا، پتوڪي، پنڊي گهيب، ڪوٽلي ستيان ۽ سوهاوه بار ايسوسيئيشنز جا نمائندا شامل هئا. ملاقات دوران وڪيلن بار رومز ۽ لائبريرين جي رنگ روغن لاءِ تعاون تي قانون واري وزير جو ٿورو مڃيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت طرفان وڪيل برادريءَ جي فلاح بهبود لاءِ قدم جاري رهندا. هن چيو ته بار ايسوسيئيشنز عدالتي نظام جي مضبوطيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، قانون ۽ انصاف واري وزارت ان جي پيشيوراڻين ضرورتن لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي رهندي. قانون واري وفاقي وزير جي هدايت تي بار ايسوسيئيشنز لاءِ گرانٽ اِن ايڊ به جاري ڪيو ويو ته جيئن وڪيلن کي بهتر سهولتون ملن. وڪيلن جي وفد حڪومتي تعاون کي سٺو سنوڻ ۽ ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهي قدم قانوني برادريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ۽ فعال بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.











