اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن جي ٻُڌڻي جمعي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ڪمپنين جي وڪيل مرزا محمود احمد پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جڏهن ته آئل ڪمپنين طرفان سلمان اڪرم راجا ايڊووڪيٽ دليل پيش ڪيا جيڪي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي به …
سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن جي ٻُڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن جي ٻُڌڻي جمعي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ڪمپنين جي وڪيل مرزا محمود احمد پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جڏهن ته آئل ڪمپنين طرفان سلمان اڪرم راجا ايڊووڪيٽ دليل پيش ڪيا جيڪي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي به جاري رهندا. سلمان اڪرم راجا مؤقف اختيار ڪيو ته ڪمپنين ۽ حڪومت وچ ۾ 2003ع ۾ طئي ٿيل معاهدن تحت پهرين جولاءِ 2022ع کان پهرين يا پوءِ ٿيل معاهدن تي سپر ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم ڪمپنين جي معاهدي موجب هو گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻ جا پابند آهن. ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪنهن ڪمپني جو ٽيڪس 40 سيڪڙو کان گهٽ بڻجي ٿو ته اتي سپر ٽيڪس لاڳو ٿي سگهي ٿو؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته چاهي 4 سي لاڳو هجي يا نه، آئل ڪمپنيون 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس ادا نٿيون ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيٽروليم ڪمپنين جون درخواستون اڳ ئي منظور ڪري چڪي آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته پيٽروليم ڪمپنينن تي 4 سي لاڳو ڪرڻ لاءِ انهن جي معاهدن جي رولز ۾ ترميم ضروري آهي. سلمان اڪرم راجا مؤقف اختيار ڪيو ته ترميم کانپوءِ ئي سپر ٽيڪس لاڳو ٿيڻ ممڪن آهي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











