اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پاران قابض فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي حوالي سان اسرائيل جي ذميوارين تي جاري ڪيل مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. انصاف جي عالمي عدالت 22 آڪٽوبر 2025ع تي پنهنجي مشاورتي راءِ ۾ واضح ڪيو ته اسرائيل بطور قابض طاقت ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو گڏيل قومن …
پاڪستان پاران آءِ سي جي پاران اسرائيل جي ذميوارين تي جاري ڪيل مشاورتي راءِ جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پاران قابض فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي حوالي سان اسرائيل جي ذميوارين تي جاري ڪيل مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. انصاف جي عالمي عدالت 22 آڪٽوبر 2025ع تي پنهنجي مشاورتي راءِ ۾ واضح ڪيو ته اسرائيل بطور قابض طاقت ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو گڏيل قومن ۽ ان جي ذيلي ادارن خاص طور تي گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف ۽ نئين سر تعمير واري اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي انساني امدادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ پيدا نه ڪري. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انصاف جي عالمي عدالت اهو چيو آهي ته اسرائيل تي اها قانوني ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو فلسطيني عوام کي خوراڪ، پاڻي، رهائش، ٻارڻ ۽ طبي امداد جهڙين بنيادي ضرورتن جي فراهمي يقيني بڻائي. اسرائيل کي پنهنجي ملڪي قانونن کي قابض علائقي تي هڪطرفي طور تي اهڙي انداز ۾ لاڳو ڪرڻ جو ڪو حق حاصل نه آهي جيڪو فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري واري حق کي متاثر ڪري. پاڪستان ان ڪيس جي لکت ۽ زباني ڪارروائي ۾ فعال طور تي حصو ورتو ۽ يو اين آر ڊبليو اي جي مينڊيٽ سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ فلسطيني عوام کي زندگي بچائيندڙ امداد جي فراهمي ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي ناقابل متبادل ڪردار کي ساراهيو آهي. پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد ۽ قابض فلسطيني علائقي ۾ يو اين آر ڊبليو اي جون بنا رڪاوٽ سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي پراڻي موقف جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته هو فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، خودمختيار رياست فلسطين قائم ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











