اسلام آباد - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي هڪ جهڙي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، نئين ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڪاوٽن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نيون صنعتون قائم ڪرڻ سان معيشت جا مثبت انگ اکر پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪري سگهجن ٿا، ملڪي مصنوعات …
وفاقي حڪومت ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي هڪ جهڙي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي هڪ جهڙي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، نئين ڪاروبار ڪرڻ ۾ رڪاوٽن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نيون صنعتون قائم ڪرڻ سان معيشت جا مثبت انگ اکر پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪري سگهجن ٿا، ملڪي مصنوعات ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار کي نه رڳو علائقائي پر عالمي سطح تي پُرڪشش بڻائڻ حڪومت جي معاشي منزل آهي، وفاقي حڪومت جا ادارا مجموعي معاشي ترقي جي لاءِ ماهرن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سفارشن تي حڪمي عملي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار معيشت ۽ صنعت جي مختلف شعبن جي نمائنده صنعتي ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معيشت ۽ صنعت جي مختلف شعبن جي نمائندن پنهنجي لاڳاپيل مسئلن ۽ مختلف حڪومتي قدمن جي لاءِ سفارشون پيش ڪيون. ملاقات ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ڪاروباري شخصيتن پاران پيش ڪيل سفارشن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قومي تحفظ خوراڪ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سمورن نمائندن جي سفارشن جي ڏس ۾ بهترين حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ملڪي معيشت کي ڪاروباري ماڻهن جي تعاون سان پائيدار ترقي ۽ مثبت رخ تي گامزن ڪري سگهجي. اجلاس ۾ خاص طور تي صنعتي پيداوار جي خرچن کي گهٽ ڪرڻ، علائقائي سطح تي ٻين ملڪن جي مصنوعات جي ڀيٽ ۾ پرُڪشش بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ صنعت ۽ واپار ۾ عالمي سيڙپڪاري جي امڪانن تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪاروباري شخصيتن مختلف شعبن ۾ حڪومتي قدمن جي ڏس ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي ساراهيو ۽ چيو ته انهي مثبت رخ ۾ وڌيڪ موثر ڪم ڪرڻ سان ملڪ ۾ معاشي صورتحال سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار بڻائي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نيون صنعتون قائم ڪرڻ سان معيشت جا مثبت انگ اکر جلد کان جدل پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪري سگهجن ٿا، وفاقي حڪومت ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي هڪجهڙي حوصلا افزائي ڪري ٿي ۽ نئين ڪاروبار ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ صنعتي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروباري ماڻهن کي هر قسم جي سهولت پهچائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي گڏيل ۽ عملي تعاون سان مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. وزيراعظم چيو ته ملڪي مصنوعات ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار کي نه رڳو علائقائي پر عالمي سطح تي پُرڪشش بڻائڻ حڪومت جي معاشي منزل آهي، ملڪي مثبت معاشي انگ اکرن کي قومي ترقي ۽ خوشحالي جي شڪل ۾ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي واپار سان گڏ مصنوعات جي تياري ۽ پيداواري شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي رهي آهي، معاشي ترقي جي لاءِ عالمي سطح جي ڪمپنين جي سيڙپڪاري کانسواءِ ملڪي صنعتن جي فروغ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم جاري آهي.











