اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت قابل ۽ ذهين شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات 30 آڪٽوبر کان ٿيندي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي عهديدار موجب پروگرام تحت سڄي ملڪ جي هڪ لک هوشيار شاگردن کي مفت ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا. ان حوالي سان مرڪزي تقريب جو بندوبست جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندو. تقريب کان پوءِ صوبائي گاديءَ وارن هنڌن تي به تقريبون منعقد ڪيون …
وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت قابل ۽ ذهين شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات 30 آڪٽوبر کان ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت قابل ۽ ذهين شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات 30 آڪٽوبر کان ٿيندي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي عهديدار موجب پروگرام تحت سڄي ملڪ جي هڪ لک هوشيار شاگردن کي مفت ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا. ان حوالي سان مرڪزي تقريب جو بندوبست جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندو. تقريب کان پوءِ صوبائي گاديءَ وارن هنڌن تي به تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن ۾ ميرٽ تي ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. وزيراعظم يوٿ پروگرام ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ ڪامياب اميدوارن جي فهرست هائر ايجوڪيشن ڪميشن جاري ڪندو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون.











