اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب متاثر 25 نوان ڪيس رڪارڊ

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب متاثر 25 نوان ڪيس سامهون آيا، ضلعي انتظاميا جي نئين سرويلنس رپورٽ مطابق هاءِ رسڪ زونز ۾ 974 رهائشي هنڌن تي اسپري ڪيو ويو جڏهن ته 2169 پوائنٽس تي فيوميگيشن مڪمل ڪئي وئي. تفصيل مطابق فيلڊ ٽيمن طرفان گذريل هڪ ڏينهن ۾ 47 هزار 283 هنڌن جي چيڪنگ مڪمل …

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب متاثر 25 نوان ڪيس سامهون آيا، ضلعي انتظاميا جي نئين سرويلنس رپورٽ مطابق هاءِ رسڪ زونز ۾ 974 رهائشي هنڌن تي اسپري ڪيو ويو جڏهن ته 2169 پوائنٽس تي فيوميگيشن مڪمل ڪئي وئي. تفصيل مطابق فيلڊ ٽيمن طرفان گذريل هڪ ڏينهن ۾ 47 هزار 283 هنڌن جي چيڪنگ مڪمل ڪئي وئي جنهن دوران 412 هنڌن تي لاروا پازيٽو رپورٽ ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب متاثر 25 نوان ڪيس سامهون آيا، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 16 جڏهن ته شهري علائقن ۾ 9 مريضن جي تصديق ٿي جڏهن ته اسپتالن ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 55 ٿي ويو آهي.