اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) فيصل آباد سميت سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر جمعي تي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري، پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊيپارٽمينٽ، اسلامڪ ميڊيڪل ايسو سي ايشن، پاڪستان ميڊيڪل ايسو سي ايشن ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ اين جي اوز جي انتظام هيٺ واڪس ۽ ٻيون تقريبون …
پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) فيصل آباد سميت سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر جمعي تي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري، پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊيپارٽمينٽ، اسلامڪ ميڊيڪل ايسو سي ايشن، پاڪستان ميڊيڪل ايسو سي ايشن ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ اين جي اوز جي انتظام هيٺ واڪس ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويندو ته پاڪستان کي پوليو فري خطو بڻائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. ان موقعي تي عوام جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن به ڇڪرايو ويندو ته هن وقت دنيا ۾ رڳو 4 ملڪن ۾ پوليو جو مرض باقي رهجي ويو آهي جن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ان ڪري معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي ان عزم جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو ته پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ پاڪستان جو هر طبقو وطن عزيز کي پوليو کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي سطح تي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اي











