عوام کي معياري ۽ اعتماد جوڳي مصنوعات جي فراهمي يقيني بنائڻ اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي اسٽيل جي شعبي ۾ معياري ۽ تصديق ٿيل مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق عوام کي معياري ۽ اعتماد جوڳي مصنوعات جي فراهمي يقيني بنائڻ اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي اسٽيل جي شعبي ۾ معياري ۽ تصديق ٿيل مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق عوام کي معياري ۽ اعتماد جوڳي مصنوعات جي فراهمي يقيني بنائڻ اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ فولاد جي صنعت ۾ معيار جي خاطري جي نظام کي مضبوط بنائڻ ۽ صنعتي ترصي جي قدمن تي ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير چيو ته فولاد جي صنعت ۾ صرف معياري ۽ تصديق ٿيل مصنوعات ئي قبولڻ جوڳي هوندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معيارن کي هٿي ڏيڻ سان نه صرف صارفين جو تحفظ ممڪن هوندو پر ملڪي روانگي واپار ۽ صنعتي مسابقت ۾ به اضافو ٿيندو. هن چيو ته قومي صنعتن جو استحڪام ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته صنعتي ترقي سان معيشت مستحڪم ٿيندي آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جو حتمي مقصد معياري پيداوار ذريعي روانگي واپار ۾ اضافو آهي.