اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگيز خان کچي سان گرين ٽورازم پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) حسن اظهر حيات ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ پائيدار سياحت کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي وزير کي يونيسڪو جي نئين عالمي ثقافتي ورثي جي جاين جي نامزدگي، ٻڌمت ورثي کي …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان گرين ٽورازم پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي ملاقات
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگيز خان کچي سان گرين ٽورازم پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) حسن اظهر حيات ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ پائيدار سياحت کي هٿي وٺرائڻ بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي وزير کي يونيسڪو جي نئين عالمي ثقافتي ورثي جي جاين جي نامزدگي، ٻڌمت ورثي کي هٿي وٺرائڻ جي منصوبي، بهتر رابطن ۽ هندو مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ بابت قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير قومي ورثي ۽ ثقافت جي وزارت ۽ گرين ٽورازم پاڪستان وچ ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان جي ثقافتي خزانن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪري سگهجي. وفاقي وزير گرين ٽورازم پاڪستان جي خدمتن کي ساراهيندي وزارت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ وفاقي وزير جو اعزازي صلاحڪار عثمان شاهه به موجود هو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ، روايتن ۽ قدرتي حسن کي قومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پائيدار سياحت ۽ ثقافتي سفارتڪاري کي تقويت ڏئي سگهجي.












