پاڪستان جي موقف جي عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن ۾ تائيد

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي موقف جي عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن ۾ تائيد، افغانستان سان جنگ بندي جو دارومدار سرحد پار دهشتگردي روڪڻ تي آهي، افغانستان طرفان سرحد پار دهشتگردي جي پاڪستاني موقف کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. تفصيل مطابق سعودي عرب، ترڪيه ۽ قطر پاران جنگ بندي لاءِ ڪوششن سان به پاڪستان جي موقف کي تائيد حاصل ٿي. دفاع واري وزير خواجه …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي موقف جي عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن ۾ تائيد، افغانستان سان جنگ بندي جو دارومدار سرحد پار دهشتگردي روڪڻ تي آهي، افغانستان طرفان سرحد پار دهشتگردي جي پاڪستاني موقف کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. تفصيل مطابق سعودي عرب، ترڪيه ۽ قطر پاران جنگ بندي لاءِ ڪوششن سان به پاڪستان جي موقف کي تائيد حاصل ٿي. دفاع واري وزير خواجه محمد آصف جي رائٽرز کي ڏنل انٽرويو جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي ميڊيا ان کي اجاگر ڪري رهيو آهي. دفاع واري وزير رائٽرز سان انٽرويو ۾ چيو ته پاڪ افغان جنگ بندي معاهدي جو دارومدار افغان طالبان طرفان دهشتگردن کي لغام ڏيڻ تي ٻڌل آهي. پاڪستان، افغانستان، ترڪيه ۽ قطر جي صحيح ڪيل معاهدي ۾ واضح آهي ته ڪا به دراندازي نه ٿيندي. فتنه الخوارج افغان طالبان سان گڏجي سرحد پار کان پاڪستان تي حملا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا آهن. دفاع واري وزير چيو ته اسان وٽ هن وقت تائين جنگ بندي معاهدو آهي جيستائين ڪا ڀڃڪڙي نه ٿئي. گڏيل قومن جي 2004ع جي رپورٽ مطابق ٽي آر ٽي چيو ته افغانستان ۾ 6  هزار کان ساڍا 6 هزار فتنه الخوارج جا دهشتگرد نيٽو جا ڇڏيل هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. الجزيره پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان جو مطالبو آهي ته افغان طالبان افغانستان ۾ موجود فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪري.