پاڪ فضائيه جي سربراهه چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي رومانيه جي فضائيه جي سربراهه سان ملاقات

راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو رومانيه جي سرڪاري دوري دوران رومانيه جي فضائيه جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ليونارڊ گيبريل سان ملاقات ڪئي، ان دوري ۾ ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۽ ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جا موقعا ڳولهڻ تي ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق رومانيه جي فضائيه جي …

راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو رومانيه جي سرڪاري دوري دوران رومانيه جي فضائيه جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ليونارڊ گيبريل سان ملاقات ڪئي، ان دوري ۾ ٻه طرفي دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۽ ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جا موقعا ڳولهڻ تي ڌيان ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق رومانيه جي فضائيه جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي رومانيه جي فضائيه جي چست جٿي ايئر چيف مارش ظهير احمد بابر سڌو کي گارڊ آَف آنر پيش ڪيو. بعد ۾ ايئر چيف، ليفٽيننٽ جنرل ليونارڊ گيبريل سان گڏيل فضائي مشقن، مٽا سٽا جي پروگرامن ۽ فضائي ۽ زميني عملي جي تربيت سميت آپريشنل سهڪار کي اڳتي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. هن علائقائي سلامتي جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ۽ عالمي ۽ علائقائي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ ٻه طرفي سهڪار جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل ليونارڊ، تازو ئي ڀارتي اڳرائي خلاف ڪاميابين تي پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪئي. هن ايئر چيف جي بصيرت انگيز قيادت ۾ پاڻ ڀرن قدمن ذريعي حاصل ڪيل پاڪ فضائيه جي ڪاميابين جو به اعتراف ڪيو. هن گڏيل فضائي دفاعي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار سهڪار لاءِ مضبوط اداري جاتي ميڪانزم بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ڌرين ٻنهي ملڪن جي فضائيه وچ ۾ سهڪار کي وسعت ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ۽ جديد ايرو اسپيس ٽيڪنالاجيز ۾ دفاعي صنعتي ڀائيواري قائم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. پاڪ فضائيه جي سربراهه جو رومانيه جو اهي دورو پاڪستان ۽ رومانيه جي فوجي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو تيزي سان اڀرندڙ سيڪيورٽي ماحول ۾ امن، ترقي ۽ فوجي سهڪار لاءِ ٻنهي ملڪ جي پائيدار عزم کي اجاگر ڪري ٿو.