اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ سان گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن جي روڪٿام بابت اداري جي ڪنٽري نمائندي ٽرولز ويسٽر هتي ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ غير قانوني اليڪٽرانڪ واپار، مني لانڊرنگ ۽ ٻيلن جي منظم واڍيءَ جي وڌندڙ گڏيل تعلق ۽ ان جي ماحولياتي استحڪام ۽ نظم و نسق …
وفاقي وزير مصدق ملڪ سان گڏيل قومن جي منشيات جي روڪٿام بابت اداري جي ڪنٽري نمائندي جي ملاقات
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ سان گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن جي روڪٿام بابت اداري جي ڪنٽري نمائندي ٽرولز ويسٽر هتي ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ غير قانوني اليڪٽرانڪ واپار، مني لانڊرنگ ۽ ٻيلن جي منظم واڍيءَ جي وڌندڙ گڏيل تعلق ۽ ان جي ماحولياتي استحڪام ۽ نظم و نسق تي ناڪاري اثرن تي تفصلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ان وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو نه صرف قدرتي وسيلن کي نقصان پهچائي رهيو آهي پر پائيدار ترقي جي عالمي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ به رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي قانونن ۽ پاليسي فريم ورڪ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ سخت بنايو وڃي ته جيئن انهن ڏوهن خلاف عملدرآمد جي نظام کي مضبوط ڪري سگهجي. ٽرولز ويسٽر ان کان اڳ انڊونيشيا ۾ پروگرام آفيس جي ڪنٽري مينيجر ۽ ميانمار ۾ ڪنٽري آفيس جي پروگرام ڪوآرڊينٽر طور خدمتون انجا ڏئي چڪو آهي. هن ماحولياتي ڏوهن خلاف پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ يو ۽ ڊي سي جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ٻنهي ڌرين هڪ گڏيل منصوبو جوڙڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد ادارن وچ ۾ سهڪار کي بهتر بنائڻ، قانونن ۽ لاڳو ٿيڻ جي نظام کي جديد رخن تي استوار ڪرڻ ۽ انهن غير قانوني سرگرمين جو اثرائتو خاتمو ڪرڻ آهي جيڪي ماحول ۽ معيشت تي ناڪاري اثر وجهن ٿا.












