اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ بين الپارلياماني يونين جي 151 هين اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جتي هن عالمي امن، سلامتي ۽ انصاف بابت اعليٰ سطحي بحث ۽ اجلاسن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق آءِ پي يو اسيمبلي دوران بيرسٽر عقيل ملڪ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ پر تشدد انتهاپسندي بابت اعليٰ …
مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ جي آءِ پي يو اسيمبلي ۾ شرڪت
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ بين الپارلياماني يونين جي 151 هين اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جتي هن عالمي امن، سلامتي ۽ انصاف بابت اعليٰ سطحي بحث ۽ اجلاسن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق آءِ پي يو اسيمبلي دوران بيرسٽر عقيل ملڪ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ پر تشدد انتهاپسندي بابت اعليٰ سطحي مشاورتي گروپ جي 19 هي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عالمي سطح جي قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ، دهشتگردي جي روڪٿام ۾ سهڪار ۽ اثرائتي قانون سازي جي قدمن تي غور ڪيو ويو. مملڪتي وزير ”اميگريشن، دهشتگردي ۽ عالمي ڏوهن؛ پارلياماني ۽ عالمي سهڪار ذريعي چئلينجز جي جوابن“ جي عنوان سان منعقد هڪ پينل بحث ۾ به پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته دنيا کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن، جامع پاليسي سازي ۽ مضبوط ڍانچي جي ضرورت آهي. بيرسٽر عقيل ملڪ اسيمبلي جي موقعي تي مختلف ملڪن جي پارليامينٽيرينز ۽ عالمي نمائندن سان ملاقاتون به ڪيو. انهن ملاقاتن ۾ گڊ گورننس، انصاف کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي سهڪار وڌائڻ تي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












