هاڪيءَ قومي فخر ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ جي علامت آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته هاڪيءَ قومي فخر ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ جي علامت آهي، ان راند جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بين الصوبائي …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته هاڪيءَ قومي فخر ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ جي علامت آهي، ان راند جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي ماليات بابت خاص معاون طارق باجوه، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پاڪستان هاڪيءَ فيڊريشن جي سيڪريٽري ۽ نائب صدر سميت سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي عالمي هاڪيءَ ۾ تاريخي عظمت کي بحال ڪرڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي راند جي فروغ، جديد ڪوچنگ نظام، بهتر انفراسٽرڪچر جي فراهمي ۽ ميرٽ تي ٻڌل رانديگرن جي ترقي جهڙن قدمن تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هاڪيءَ جي سنهري دور جي بحالي جي لاءِ جامع منصوبابندي لازمي آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هاڪي جي ترقي ۽ نوجوانن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع بحالي روڊ ميپ جلد کان جلد تيار ڪيو وڃي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت هاڪيءَ سميت سمورين قومي راندين جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڏس ۾ سمورا ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.