اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عنبرين جان جي پاڪستان حڪومت جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي معرڪه حق دوران پاڪستان جو بيانيو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان جي الوداعي ملاقات
اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عنبرين جان جي پاڪستان حڪومت جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي معرڪه حق دوران پاڪستان جو بيانيو عالمي سطح تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سندس بطور اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ڪارڪردگي کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. عنبرين جان اربع ڏينهن پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سول سروس تان رٽائر ٿي وئي آهي.












