اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو جيڪا 2026ع جي شروع ۾ پاڪستان ۾ منعقد ٿيندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايندڙ ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس
اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو جيڪا 2026ع جي شروع ۾ پاڪستان ۾ منعقد ٿيندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايندڙ ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ او آءِ سي جي فريم ورڪ تحت عورتن سان لاڳاپيل معاملن جي فروغ جي اهميت تي زور ڏنو. هن صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي فروغ ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندي او آءِ سي سان ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن گڏيل هدف حاصل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارن وزيرن، پرڏيهي معاملن واري خاص معاون، خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ڊويزن، انساني حقن ۽ اطلاعات جي سيڪريٽريز، او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ پرڏيهي وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.












