پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه منتقليءَ ۾ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ ساليانو بنياد تي 85.5 سيڪڙو واڌ ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه ملڪن ڏانهن منتقليءَ ۾ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ ساليانو بنياد تي 85.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب پهرين ٽه ماهي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ تي حاصل ٿيندڙ منافعي جي ٻين ملڪن ڏانهن منتقلي جو ڳاڻيٽو 751.7 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مُدي جي ڀيٽ ۾ 85.5 سيڪڙو وڌيڪ …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي پرڏيهه ملڪن ڏانهن منتقليءَ ۾ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ ساليانو بنياد تي 85.5 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب پهرين ٽه ماهي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ تي حاصل ٿيندڙ منافعي جي ٻين ملڪن ڏانهن منتقلي جو ڳاڻيٽو 751.7 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مُدي جي ڀيٽ ۾ 85.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ان ئي مُدي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل ٿيندڙ منافعي جي پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقليءَ جو ڳاڻيٽو 404.5 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. سيپٽمبر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل ٿيندڙ منافعي جي پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقليءَ جو ڳاڻيٽو 159 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو آگسٽ جي 348.7 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 54.4 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال سيپٽمبر جي 129.8 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 22.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. پهرين ٽه ماهي ۾ بجليءَ جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي حاصل ٿيندڙ منتقليءَ جو ڳاڻيٽو 186 ملين ڊالر، مالياتي بزنس 183.9 ملين ڊالر، مواصلات 68.3 ملين ڊالر، خوراڪ 61.6 ملين ڊالر، تماڪ ۽ـ سگريٽ 42.3 ملين ڊالر، فارما 33.4 ملين ڊالر، ٽرانسپورٽ 21.3 ملين ڊالر، کاڻين 19.7 ملين ڊالر، اسٽوريج سهولتن 17.4 ملين ڊالر، پيٽروليم ريفائننگ 15.4 ملين ڊالر، شرب 15.4 ملين ڊالر ۽ ٻين شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ تي حاصل ٿيندڙ منافعي جي منتقلي جو ڳاڻيٽو 67.9 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.