سيڪيورٽي فورسز جون باجوڙ جي علائقي ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري

راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون باجوڙ جي علائقي ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز شاهي تنگي جنگل ۾ موجود خوارجين جي ٺڪاڻن ۽ سرنگهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڳجهي اطلاع تي شاهي تنگي جي ٻيلي ۾ موجود هڪ غار ۾ لِڪي ويهي سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران خوارجين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي …

راولپنڊي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون باجوڙ جي علائقي ۾ خوارجين خلاف ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز شاهي تنگي جنگل ۾ موجود خوارجين جي ٺڪاڻن ۽ سرنگهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڳجهي اطلاع تي شاهي تنگي جي ٻيلي ۾ موجود هڪ غار ۾ لِڪي ويهي سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران خوارجين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ خوارجي مارجي ويو جڏهن ته 2 زخمي خوارجي علائقي مان فرار ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ موجود سرنگهن ۽ ويجهن جاين کي به ڪليئر ڪري ڇڏيو. ڪارروائي دوران خوارج جي استعمال هيٺ هٿيار، بارودي مواد ۽ مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا. پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن.