اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج لاءِ مائرون بلڪل به نه گهٻرائين، هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ڏيڍ لک مائرون فوت ٿين ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي هفتي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڏيڍ لک مائرن کي بچائي ڏيڍ لک خاندانن …
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج لاءِ مائرون بلڪل به نه گهٻرائين: سيد مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج لاءِ مائرون بلڪل به نه گهٻرائين، هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ڏيڍ لک مائرون فوت ٿين ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي هفتي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڏيڍ لک مائرن کي بچائي ڏيڍ لک خاندانن کي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪينسر هڪ اهڙو مرض آهي جنهن جي وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج سان مريض جي زندگي بچائي سگهجي ٿي. هن چيو ته عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر واري سينٽر ۾ اچي مفت اسڪريننگ ڪرائين، پمز ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ فري اسڪريننگ سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مفت اسڪريننگ ۾ پمز پاڪستان جو واحد ادارو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر سان وڙهڻ لاءِ پهريان ان جي سڃاڻپ نهايت ضروري آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته ماڻهو پهريان بيمار ٿين ۽ پوءِ اسپتال اچن، هي سينٽر عورتن کي بيمار ٿيڻ کان پهريان جي سڃاڻپ ڪندو، هي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڪستان جو پهريون مرڪز بڻجي ويو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف جنگ آگاهي سان کٽي سگهجي ٿي، اسان کي پنهنجي مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙي موذي بيماري کان بچائڻو آهي، ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙ الله تعاليٰ وٽ وڏو اجر حاصل ڪندو آهي.












