واشنگٽن-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻي ۽ مضبوط شراڪتداري جاري آهي، قومي ايئر لائن جي نجڪاري سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. جاري مالي سال جي اؤسر واري شرح تقريبن 3.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. آمريڪا سان ٽيرف ڳالهيون ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني ٽيڪسٽائل خاص ڪري …
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻي ۽ مضبوط شراڪتداري جاري، قومي ايئر لائن جي نجڪاري سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
واشنگٽن-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻي ۽ مضبوط شراڪتداري جاري آهي، قومي ايئر لائن جي نجڪاري سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. جاري مالي سال جي اؤسر واري شرح تقريبن 3.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. آمريڪا سان ٽيرف ڳالهيون ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني ٽيڪسٽائل خاص ڪري هوم ٽيڪسٽائل جو روانگي واپار ڪندڙن کي نمايان فائدو ٿيندو. هن اهڙو اظهار عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ جي سي ٽي اين آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. ناڻي واري وزير ملڪ جي معاشي صورتحال، سڌارن واري پروگرام ۽ مستقبل جي جي اقتصادي لائحه عمل بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻُڌايو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان معاشي استحڪام جي حوالي سان نمايان اڳڀرائي ڪئي، مالي ۽ پرڏيهي کاتن ۾ بهتري آئي، رپئي جو قدر مستحڪم رهيو، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا اڍائي مهينن جي روانگي واپار جي برابر ٿي ويا ۽ مهانگائيءَ جي شرح هڪ ڊجٽ ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽن عالمي ريٽنگ ايجنسين فچ، ايس اينڊ پي ۽ موڊيز تقريبن 3 سالن کان پوءِ پاڪستان جي معاشي درجا بندي ۾ بهتري ظاهر ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي توسيعي مالياتي پروگرام تحت ٻي جائزه رپورٽ ڪمل ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ اسٽاف سطح معاهدو طئي ٿيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڪستاني حڪومت جي جاري سڌارن وارن قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو جن ۾ ٽيڪس نظام، توانائي جي شعبي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ مالي نظم و ضبط بابت سڌارا شامل آهن. ناڻي واري وزير نجڪاري پروگرام جي بحاليءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته هلندڙ مالي سال دوران پهرين ٽرانزيڪشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن تحت هڪ نجي بئنڪ کي گڏيل عرب امارات جي ڪمپني خريد ڪري ورتو، قومي ايئر لائين جي نجڪاري به سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ مڪمل هئڻ جي اميد آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته بهتر معاشي بنياد سبب پاڪستان ٻن سالن کان وڌيڪ وقفي کان پوءِ ٻيهر عالمي مالياتي مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. حڪومت وچ اوڀر جي بئنڪن کان قرض حاصل ڪيو ۽ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان سيپٽمبر ۾ 50 ڪروڙ ڊالرز جي يورو بانڊز جي ادائيگي وقت سر ۽ آئينده اپريل ۾ 1.3 ارب ڊالرن جي ادائگي لاءِ پڻ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير چيو ته تازين ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جيتوڻيڪ چانور ۽ ڪپهه جي پيداوار متاثر ٿي آهي، جڏهن ته موجوده مالي سال ۾ اؤسر واري شرح تقريبن 3.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. چين سان ناتن بابت ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻي ۽ مضبوط شراڪتداري جاري آهي، تازي بيجنگ جي دؤري دوران سي پيڪ فيز 2 جي شروعات ڪئي وئي جنهن ۾ صنعتي تعاون، خاص اقتصادي زونز ۽ نجي شعبي جي ڀائيواريءَ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دؤري دوران 24 گڏيل سيڙپڪاري معاهدا طئي ٿيا جن ۾ کاڻين، زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ دوا سازيءَ جا شعبا به شامل آهن. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته حڪومت ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ سموريون سرڪاري ادائگيون ۽ ڊجيٽلائيز جا نظام ڪيا پيا وڃن جنهن سان شفافيت ۾ واڌ ۽ محصولن جي دائري ۾ وسعت ايندي. مصنوعي ذهانت ۽ ڊيٽا اينالٽڪس جي استعمال سان ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب 8.8 سيڪڙو مان وڌي 10.2 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. واپاري پاليسيءَ تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته آمريڪا سان ٽيرف ڳالهيون ڪاميابيءَ سان مڪمل هئڻ سان پاڪستاني ٽيڪسٽائل خاص ڪري هوم ٽيڪسٽائل جي روانگي واپار ڪندڙن کي نمايان فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي واپار کي جدت بڻائڻ لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان ناتا وڌائي رهيو آهي ۽ ڏکڻ- ڏکڻ تعاون جي فريم ورڪ کي هٿي وٺرائي رهيا آهيون. شنگهائي تعاون تنظيم جي تازي اجلاس ۽ صدر شي جن پنگ جي عالمي حڪمراني جي قدمن جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان خودمختياري، قانون جي بالادستي ۽ گهڻ رُخ سهڪار جي اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو پاڪستان جي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسيءَ جو بنيادي حصو آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام، ڍانچه جاتي سڌارن ۽ جٽادار ۽ جامع اؤسر جي رستي تي گامزن آهي ۽ حڪومت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، مالي نظم و ضبط ۽ ڊگهي مُدي واري ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي.












