وزيراعظم پاران وڏي مقدار ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب سمنڊ ۾ سعودي قيادت ۾ اهم ڪمبائنڊ ميري ٽائيم فورسز جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس تحت پي اين ايس يرموڪ جي وڏي ڪارروائي دوران اربين رپين جي ماليت جي منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب سمنڊ ۾ سعودي قيادت ۾ اهم ڪمبائنڊ ميري ٽائيم فورسز جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس تحت پي اين ايس يرموڪ جي وڏي ڪارروائي دوران اربين رپين جي ماليت جي منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جا آفيسر ۽ اهلڪار پيشيواراڻي صلاحيتن سان پوري دنيا ۾ پاڻ کي مڃرائي رهيا آهن، پاڪ بحريه جا آفيسر ۽ جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن تي فخر آهي.