نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي لاءِ نامزد سفير شفقت علي خان جي ملاقات

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي لاءِ نامزد سفير شفقت علي خان الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سفير شفقت علي خان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي حيثيت سان ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نامزد …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي لاءِ نامزد سفير شفقت علي خان الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سفير شفقت علي خان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي حيثيت سان ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نامزد سفير تي زور ڏنو ته هو اهم لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي تجربي مان فائدو کڻي. هن نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي کي ترجيح ڏي.