اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن غزه ۽ فلسطين سميت تازين علائقائي اڳڀراين جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن غزه ۽ فلسطين سميت تازين علائقائي اڳڀراين جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











