اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، آئيني طور تي ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ جو اختيار موجود آهي پر وفاقي حڪومت اهڙو قدم نه کڻندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت صاف نيت سان صوبائي پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون …
خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگري خلاف اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي: طلال چوڌري
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، آئيني طور تي ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ جو اختيار موجود آهي پر وفاقي حڪومت اهڙو قدم نه کڻندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت صاف نيت سان صوبائي پوليس کي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون جيتوڻيڪ ته ان معاملي کي سياسي رنگ ڏنو ويو. هن چيو ته ڪجهه طبقا دهشتگردي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جي خلاف آهن. مملڪتي وزير، سهيل بزدار جي نالي جو حوالو ڏيندي چيو ته هن کي سوچي سمجهي مقرر ڪيو ويو هو. هن چيو ته جيڪڏهن بلٽ پروف گاڏيون قبولڻ جوڳيون ناهن ته وڏو وزير پنهنجي ذاتي گاڏي پوليس جي حوالي ڪري. طلال چوڌري چيو ته آرٽيڪل 148 تحت صوبائي حڪومت فيصلن ۾ مڪمل طور تي آزاد ناهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ سڄي ملڪ جي جنگ آهي، ان ڪري وڏي وزير جي تبديلي سان ان جنگ ۾ ڪو فرق نه ايندو. ان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪي پي ڪي پوليس کي جديد گاڏيون فراهم ڪيون ويون ۽ وفاقي حڪومت مالي ڏکيائين باوجود امداد جي فراهمي جاري رکي جڏهن ته صوبائي حڪومت دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. مملڪتي وزير خبردار ڪيو ته ان ”ٻاراڻي“ فيصلي سان ڪنهن جي جان کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو جاني نقصان ٿئي ٿو ته ان جو ذميوار لاڳاپيل عملدار هوندو ان جي لفظن ۾ صوبائي حڪومت پوليس جي جوانن کي اثرائتو تحفظ فراهم ناهي ڪيو. طلال چوڌري چيو ته سعد رضوي جي اثاثن جي جانچ دوران 69 برانڊڊ گهڙيون هٿ ڪيون ويون ۽ ان جي قيادت جي استعمال هيٺ 100 اڪائونٽس هئا جن ذريعي بينڪن مان وياج جي مد ۾ ڪروڙين روپيه حاصل ڪيا پئي ويا. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ”انتهاپسنداڻي سوچ“ رکندڙ پارٽي آهي. هن چيو ته پاڪستان انتشار ۽ تشدد جي سياست برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ آئيني اجازت باوجود وفاقي حڪومت گورنر راڄ لاڳو نه ڪندي جڏهن ته صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنائي.











