اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي وقتي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ نيو پارليامانيٽ لاجز جي تعميري منصوبي جي حوالي سان سي ڊي اي کي هدايت ڪئي آهي ته شفافيت ۽ ڪم جي معيار کي يقيني بڻائيندي ڪم کي وقت سر پڄاڻيءَ تي پهچايو وڃي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وقتي اسپيڪر ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي آفيسرن نيو پارليامينٽ لاجز پراجيڪٽ جي سائيٽ تي بريفنگ ڏني …
قومي اسيمبليءَ جي وقتي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ پاران نيو پارليامانيٽ لاجز جي تعميري منصوبي جي معيار کي يقيني بڻائيندي وقت سر پڄاڻيءَ جي هدايت
اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي وقتي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ نيو پارليامانيٽ لاجز جي تعميري منصوبي جي حوالي سان سي ڊي اي کي هدايت ڪئي آهي ته شفافيت ۽ ڪم جي معيار کي يقيني بڻائيندي ڪم کي وقت سر پڄاڻيءَ تي پهچايو وڃي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب وقتي اسپيڪر ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي آفيسرن نيو پارليامينٽ لاجز پراجيڪٽ جي سائيٽ تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ تعمير جي مختلف رُخن جو جائزو ورتو ويو. بريفنگ ۾ ڪم جي موجوده اڳڀرائي، متوقع ٽائيم لائنز ۽ انفراسٽرڪچر جا تفصيل شامل هئا. وقتي اسپيڪر شفافيت ۽ معيار کي يقيني بڻائيندي منصوبي کي وقت سر پورو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وقتي اسپيڪر سان قومي اسيمبلي جو ميمبر محمد معين عامر پيرزاده ۽ قومي اسيمبليءَ جي پائيدار ترقياتي هدفن تي پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر شائسته پرويز پڻ موجود هئي. وقتي اسپيڪر سي ڊي اي عملدارن کان پراجيڪٽ اپ ڊيٽس جو تفصيلي جائزو ورتو، جنهن ۾ انفراسٽرڪچر ۽ رهائش جي بهتر سهولتن ذريعي پارليامينٽ جي ميمبرن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي قومي اسيمبليءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. واضح رهي ته هي دؤرو اهم ترقياتي قدمن جي نگراني ۽ عوامي مفاد ۽ اداره جاتي ضرورتن موجب اثرائتي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قيادت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











