عورتن کي مضبوط سماجي ۽ معاشي موقعا فراهم ڪري غربت جي خاتمي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رحماني، عورت پارلياماني ڪاڪس جي ميمبر ۽ صوبائي وزير شاهينه شير علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عورتن جي معاشي خودمختياري، اسڪل ڊولپمنٽ، روزگار ۽ فلاح ۽ بهبود بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه سنڌ صوبي جي غريب ۽ مستحق عورتن جي ترقي ۽ معاشي نظام …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رحماني، عورت پارلياماني ڪاڪس جي ميمبر ۽ صوبائي وزير شاهينه شير علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عورتن جي معاشي خودمختياري، اسڪل ڊولپمنٽ، روزگار ۽ فلاح ۽ بهبود بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه سنڌ صوبي جي غريب ۽ مستحق عورتن جي ترقي ۽ معاشي نظام ۾ شموليت جي قدمن تي به زور ڀريو ويو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته عورتن کي مضبوط سماجي ۽ معاشي موقعا فراهم ڪري غربت جي خاتمي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي عورتن جي ترقي ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اثرائتا قدم جاري رکندو.