ملڪي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف سيد عاصم منير

راولپنڊي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جو پيڇو ڪرڻ ۽ بلوچستان صوبي کي ان لعنت کان نجات ڏيارڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، ملڪي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڀڃڪڙي جو مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، پنهنجن شهرين جي زندگين ۽ ڀلائي …

راولپنڊي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جو پيڇو ڪرڻ ۽ بلوچستان صوبي کي ان لعنت کان نجات ڏيارڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، ملڪي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڀڃڪڙي جو مضبوط ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، پنهنجن شهرين جي زندگين ۽ ڀلائي جو تحفظ ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ 17هين قومي ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن شرڪت ڪندڙن سان پنهنجي ڳالهين دوران چيو ته بلوچستان پاڪستان جو فخر آهي، انتهائي متحرڪ، لچڪدار ۽ محب وطب ماڻهن سان مالامال آهي جيڪي اصل دولت آهن. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ترقياتي قدمن تي به روشني وڌي جيڪي بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي عوام تي ٻڌل نقطءِ نظر ذريعي بهتر بنائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن. هن بلوچستان جي عوام جي فائدي لاءِ صوبي جي بيپناهه اقتصادي صلاحيتن جي تصور تي زور ڀريو. هن سول سوسائٽي جي تعميري ڪردار کي تسليم ڪندي خاص ڪري نوجوانن کي مشغول ۽ بااختيار بنائڻ ۾ پائيدار ترقي ۾ انهن جي اهم ڪردار تي زور ڀريو ۽ بلوچستان ۾ ڊگهي مدي واري خوشحالي کي نظر ۾ رکندي ذاتي سياسي ايجنڊائن کان انڪار ڪيو. آرمي چيف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڀارتي حمايت يافته پراڪسيز، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج تشدد ڪرڻ لاءِ بدنيتي سان عوام دشمن ۽ ترقي مخالف ايجنڊائن جي پروپئگنڊا ڪندا آهن. هن چيو ته انهن دهشتگردن جو پيڇو ڪرڻ ۽ صوبي کي ان لعنت کان نجات ڏيارڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. فيلڊ مارشل ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. ورڪشاپ جي پڄاڻي هڪ واضح انٽر ايڪٽو سوالن ۽ جوابن سان ٿي.