وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير بابت عملدرآمد نگراني ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير بابت عملدرآمد نگراني ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن، وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ڪشمير گلگت معاملن واري سيڪريٽري ظفر حسن، اي جي چيف سيڪريٽري خوشحال خان ۽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ ايڪشن ڪميٽي …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير بابت عملدرآمد نگراني ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن، وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ڪشمير گلگت معاملن واري سيڪريٽري ظفر حسن، اي جي چيف سيڪريٽري خوشحال خان ۽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ ايڪشن ڪميٽي سان ٿيل معاهدي جو غور سان جائزو ورتو ويو، هن ڪميٽي بابت کاتن کي معاهدي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو ته نگراني ۽ عملدرآمد ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 15 نومبر تائين مظفر آباد ۾ منعقد ٿيندو.وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

مزید خبریں