غزه جنگبندي معاهدو سٺو سنوڻ آهي: سردار اياز صادق

جنيوا-21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي آجيان ۽ فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حقن جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته رياستي خودمختاري جي پائمالين ۽ عالمي اصولن جي گهٽجڻ تي ڳڻتي آهي، پاڪستان انساني همدردي جي معاملن ۾ غير جانبداري ۽ آزاديءَ جي اصول تي ڪاربند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ 151هين بين …

جنيوا-21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي آجيان ۽ فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حقن جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته رياستي خودمختاري جي پائمالين ۽ عالمي اصولن جي گهٽجڻ تي ڳڻتي آهي، پاڪستان انساني همدردي جي معاملن ۾ غير جانبداري ۽ آزاديءَ جي اصول تي ڪاربند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ 151هين بين الپارلياماني اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر انساني همدردي، انصاف ۽ عالمن امن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريندي چيو ته رياستي خودمختياري جي پائمالين ۽ عالمي اصولن جي گهٽجڻ تي ڳڻتي آهي، پاڪستان انساني همدردي جي معاملن ۾ غير جانبداري ۽ آزاديءَ جي اصولن تي ڪاربند آهي. فلسطيني عوام تي گذريل ٻن سالن جي ڏاڍ انساني ضمير کي هميشه جنجهوڙيندو رهندو. هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي آبادياتي تبديلين ۽ شهري آزادي نه ڏيڻ مذمت جوڳي آهي، پاڪستان ڀارت جي بنا جواز اڳرائيءَ تي تحمل کان جواب ڏنو، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري جو دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي علائقائي امن لاءِ خطرو آهي. هن ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج طرفان افغان سرزمين جي پاڪستان خلاف استعمال جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان جون دهشتگردي جون روڪٿام واريون ڪارروائيون شهري تحفط ۽ سرحدي سلامتي لاءِ آهن. اسپيڪر چيو ته ماحولياتي تبديلي موجوده انساني بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن، پاڪستان عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ معمولي حصديدار پر شديد موسمياتي تبدلين جا اثر ڀوڳي رهيو آهي، عالمي برادري منصفاڻي مالي معاونت ۽ يڪجهتي ڏيکاري. هن چيو ته پاڪستان جي پيش ڪيل سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1788 امن کي هٿي ڏيڻ جي علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان سفارتڪاري ۽ پارلياماني سهڪار ذريعي عالمي امن تي يقين رکي ٿو. واضح رهي ته اسپيڪر اياز صادق جنيوا ۾ پارلياماني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وفد ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل ملڪ، چوڌري شهباز بابر، ڊاڪٽر شرميلا فاروقي، منيبه اقبال ۽ اعجاز جکراڻي شامل آهن.

مزید خبریں