بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي طريقيڪار کي عام شهرين لاءِ آسان بنائڻ بابت اثرائتا قدم کنيا وڃن: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي طريقيڪار کي عام شهرين لاءِ آسان بنائڻ جي حوالي سان اثرائتا قدم کنيا وڃن، سڄي ملڪ ۾ ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ اسڪريننگ پروگرامن ۽ آگاهي مهمن کي تيز ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن ٿيليسيميا جي روڪٿام ۽ بون ميرو ٽرانسپلانٽ کي عام لاءِ آسان بنائڻ بابت معنقد اجلاس کي خطاب …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي طريقيڪار کي عام شهرين لاءِ آسان بنائڻ جي حوالي سان اثرائتا قدم کنيا وڃن، سڄي ملڪ ۾ ٿيليسيميا جي روڪٿام لاءِ اسڪريننگ پروگرامن ۽ آگاهي مهمن کي تيز ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن ٿيليسيميا جي روڪٿام ۽ بون ميرو ٽرانسپلانٽ کي عام لاءِ آسان بنائڻ بابت معنقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿيليسيميا جي بيماري جي روڪٿام لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي، بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر ۾ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ڊونرز جي رجسٽري جي قيام لاءِ به عملي قدم کنيا وڃن. ان موقعي تي ٿيليسيميا جي روڪٿام، بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي نظام ۾ بهتري لاءِ سفارشون به پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ وفاقي هيلٿ سيڪريٽري حامد يعقوب سميت اسپتالن جي سربراهن، سي اي او اين آءِ ايڇ ۽ پيٿ ويل سينٽر آف هيماٽولاجي اينڊ بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں