سپريم ڪورٽ بار ايسوسئييشن جي چونڊ ۾ عاصمه جهانگير گروپ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسئييشن جي سالياني چونڊ 26-2025ع جا باضابطه حتمي نتيجن جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب عاصمه جهانگير گروپ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي. ڪالهه جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن جي باضابطه حتمي نتيجن موجب ايڊووڪيٽ هارون الرشيد 1898 ووٽ کڻي صدر، جڏهن ته ملڪ زاهد اسلم اعواڻ 1915 ووٽ حاصل ڪري سيڪريٽري چونڊجي ويا. ٻين …

اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسئييشن جي سالياني چونڊ 26-2025ع جا باضابطه حتمي نتيجن جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب عاصمه جهانگير گروپ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي. ڪالهه جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن جي باضابطه حتمي نتيجن موجب ايڊووڪيٽ هارون الرشيد 1898 ووٽ کڻي صدر، جڏهن ته ملڪ زاهد اسلم اعواڻ 1915 ووٽ حاصل ڪري سيڪريٽري چونڊجي ويا. ٻين ڪامياب اميدوارن ۾ بلوچستان جو نائب صدر لياقت علي ترين (1853 ووٽ)، ڪي پي ڪي جو نائب صدر فضل شاهه محمد (1740 ووٽ)، پنجاب جو نائب صدر خالد مسعود سَنڌو (1182 ووٽ)، سنڌ جو نائب صدر ملڪ خوشحال خان اعواڻ (1612 ووٽ، حامد خان گروپ)، فنانس سيڪريٽري سائره خالد راجپوت (2049 ووٽ)، ايڊيشنل سيڪريٽري سردار طارق حسين (1835 ووٽ) بلوچستان مان الاهي بخش مينگل (1850 ووٽ) ۽ شاهه رسول ڪاڪڙ (1748 ووٽ)، ڪي پي ڪي جو محمد ضياءُ الله (1600 ووٽ) ۽ راحيله بي بي (1849 ووٽ)، پنجاب مان حافظه مهناز نديم (1979 ووٽ) شامل آهن، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي 9 سيٽن تي پڻ عاصمه جهانگير گروپ جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان انهن نتيجن جي باضابطه تصديق ڪئي وئي آهي. ان ڪاميابيءَ سان عاصمه جهانگير گروپ بار جي مرڪزي قيادت تي هڪ ڀيرو ٻيهر برتري قائم ڪري ورتي آهي جڏهن ته حامد خان گروپ کي صرف هڪ سيٽ حاصل ٿي.

مزید خبریں