اسلام آباد - 21 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن به سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سبب مثبت رجحان برقرار هيو. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1994 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 68 هزار 237 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايا تيزي ڏسڻ ۾ …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 168237 پوائنٽس جي سطح عبور ڪري ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن به سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سبب مثبت رجحان برقرار هيو. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1994 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 68 هزار 237 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايا تيزي ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ته 100 انڊيڪس 2436 پوائنٽس جي واڌ بعد ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 166242 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. ماهرن مطابق مارڪيٽ ۾ اهو لڳاتار هاڪاري رجحان معاشي استحڪام، سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ۽ حڪموتي پاليسين جي تسلسل کي ظاهر ڪري ٿو. سرمائيدار طبقي جو چوڻ آهي ته ملڪي ۽ عالمي سطح تي بهتر معاشي اهڃاڻ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيا آهن.











