ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پاران بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ غير ذميداراڻو ۽ نامناسب قدم آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طرفان وفاقي حڪومت طرفان ڪي پي ڪي پوليس کي دهشتگرديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ ڏنل بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ غير ذميواراڻو ۽ نامناسب قدم آهي، وفاقي حڪومت ان کان اڳ 600 ارب رپين کان وڌيڪ رقم دهشتگرديءَ جي جنگ لاءِ ڪي پي ڪي کي ڏئي چڪي آهي، …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طرفان وفاقي حڪومت طرفان ڪي پي ڪي پوليس کي دهشتگرديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ ڏنل بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ غير ذميواراڻو ۽ نامناسب قدم آهي، وفاقي حڪومت ان کان اڳ 600 ارب رپين کان وڌيڪ رقم دهشتگرديءَ جي جنگ لاءِ ڪي پي ڪي کي ڏئي چڪي آهي، اها رقم دهشتگرديءَ خلاف جنگ لاءِ جوانن تي خرچ ڪرڻي هئي، ان سان سي ٽي ڊي ڊپارٽمينٽ، فرازنڪ ليب ۽ سيف سٽيز ٺهڻا هئا، 600 ارب رپين جو اڄ تائين پتو نه پئجي سگهيو، اها رقم ڪٿي وئي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي بيان تي ردِعمل ۾ مملڪتي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جيڪي گاڏيون ڏنيون ان بابت چيو ويو ته اهي معيار تي پوريون نه ٿيون لهن، گاڏيون عالمي معيار جي بلٽ پروف آهن جيڪي دهشتگرديءَ جي جنگ ۽ خطرناڪ جڳهن ۾ استعمال لاءِ ضروري آهن، اهي گاڏيون وفاقي وزيرن، پاڪستان جي اهم ترين ادارن جي آفيسرن ۽ خطرناڪ جڳهن سميت دهشتگرديءَ جي آپريشنز ۾ اڳ کان استعمال ٿي رهيون آهن. الحمدلله جتي به گاڏيون استعمال ٿي رهيون آهن اتان نقصان نه هئڻ برابر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪجهه ڏئي رهي آهي اهو به ڦريو پيو وڃي. ڪي پي ڪي جي بهادر پوليس آفيسر ۽ جوان هٿين خالي دهشتگردن آڏو ڦٽا ڪيا پيا وڃن، انهن جي پُٺيان سياسي قيادت بيٺل آهي نه ئي کين سهولتون آهن. ٽريننگ هجي يا هٿيار انهن لاءِ ڪا به شيءِ دستياب ناهي.

مزید خبریں