اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڏياري جي موقعي تي سڄي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو برادريءَ کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏياري روشني، اميد، امن ۽ نيڪيءَ جي فتح جو ڏڻ آهي، جيڪو اسان کي اونداهين خلاف روشني، نفرت جي ڀيٽ ۾ محبت ۽ ناانصافيءَ خلاف انصاف جي قيام جو پيغام …
سينيٽ چيئرمين پاران ڏياري جي موقعي تي هندو برادريءَ کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڏياري جي موقعي تي سڄي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو برادريءَ کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏياري روشني، اميد، امن ۽ نيڪيءَ جي فتح جو ڏڻ آهي، جيڪو اسان کي اونداهين خلاف روشني، نفرت جي ڀيٽ ۾ محبت ۽ ناانصافيءَ خلاف انصاف جي قيام جو پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ ثقافتي، گهڻ مذهبي ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل معاشرو آهي. هن چيو ته اقليتون پاڪستان جي سماجي، تعليمي، اقتصادي ۽ ثقافتي سفر ۾ اهم شريڪ آهن ۽ انهن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميداري آهي. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته اسان کي پنهنجي سرزمين کي اها روشني بڻائڻي آهي جيڪا نفرت، تعصب ۽ ورهاست ۽ اونداهين کي ختم ڪري، اسلام جو پيغام امن، محبت، عدل ۽ انسانيت جي خدمت آهي ۽ اهوئي پيغام سمورن مذهبن ۾ گڏيل قرن طور تي موجود آهي.











