پاڪستان جي ثقافتي جدت، قومي وحدت، امن ۽ ترقيءَ جو مضبوط بنياد آهي: اورنگزيب کچي

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان جي ثقافتي جدت، قومي وحدت، امن ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي، تقسيم ۽ اڻبرابري جهڙن مسئلن معاشرتي ڍانچي کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ هڪٻئي کي ٻُڌڻ ڇڏي ڏيڻ ۽ جدت کي خطري ۾ وجهڻ سان اسان پنهنجي قومي سُڃاڻپ جي بنياد کي ڪمزور ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙو اظهار هن ڪالهه …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان جي ثقافتي جدت، قومي وحدت، امن ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي، تقسيم ۽ اڻبرابري جهڙن مسئلن معاشرتي ڍانچي کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ هڪٻئي کي ٻُڌڻ ڇڏي ڏيڻ ۽ جدت کي خطري ۾ وجهڻ سان اسان پنهنجي قومي سُڃاڻپ جي بنياد کي ڪمزور ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي رٿيل قومي يڪجهتي ۽ ثقافتي سالميت جي امڪانن ۽ چئلينجز بابت قومي پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هي تقريب حڪومت جي ان ويزن جو حصو آهي جنهن جو مقصد ملڪ جي مختلف برادرين ۾ هم آهنگي، شموليت ۽ برداشت جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته هي مرڪز ان مقصد لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته ثقافت کي اهڙو پل بڻائي سگهجي جيڪو اسان وچ ۾ موجود اختلافن کي جوڙي ڇڏي. هن ٻُڌايو ته سينٽر فار نيشنل ڪوهيشن اينڊ آئوٽ ريچ هڪ تحقيقي ۽ عملي اداري (Think and Do Tank) جي طور تي ڪم ڪندو جيڪو پاڪستان جي ثقافتي جدت کي دستاويز شڪل ڏيندو، نوجوانن کي فنون، ميڊيا ۽ تعليم ذريعي معاشرتي هم آهنگي جي عمل ۾ شامل ڪندو ۽ پاليسي سازيءَ لاءِ شاهدين تي ٻَڌل تجويزون فراهم ڪندو. هي مرڪز تخليقي اظهار کي ڪميونٽي جي طاقت ۾ بدلائڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته لوڪ ورثي جهڙا ادارا ۽ سينٽر فار نيشنل ڪوهيشن جهڙيون نيون تجويزون انهن رشتن کي بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، حڪومت ثقافتٿي شعبي کي مضبوط، جامع ۽ جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزارت يونيورسٽين، تحقيقي ادارن ۽ عالمي تنظيمن جهڙوڪ يونيسڪو ۽ يو اين او ڊي سي جي سهڪار سان اهڙا پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن جيڪي امن، رواداري ۽ شهري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. هن چيو ته قومي يڪجهتي ڪنهن قانون سان قائم نٿي ڪري سگهجي، هي ان وقت هٿي وٺي ٿي جڏهن ڳالهين ۾ سيڙپڪاري ڪريون، تقسيم بدران اتحاد کي هٿي ڏيون ۽ هر پاڪستانيءَ کي اهو احساس ٿئي ته ان جي سُڃاڻپ ۽ سندس آواز قابلِ احترام آهي.

مزید خبریں