اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي ٻُڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي اڳواڻيءَ ۾ 8 رڪني آئيني بينچ ڪيس ٻُڌو. بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر …
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻُڌڻي اڱاري صبح تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي ٻُڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي اڳواڻيءَ ۾ 8 رڪني آئيني بينچ ڪيس ٻُڌو. بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. ٻُڌڻيءَ کي لائيو اسٽريم به ڪيو ويو. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي سينيئر وڪيل اڪرم شيخ درخواستگذار طور روسٽرم تي آيو. هن مؤقف اختيار ڪيو ته موجوده 8 رڪني بينچ آئيني طور اهو ڪيس ٻُڌڻ جو اهل ناهي ڇاڪاڻ ته هي بينچ پاڻ 26هين آئيني ترميم تحت جوڙ: وئي آهي. اڪرم شيخ عدالت کي گذارش ڪئي ته 24 ججن تي ٻَڌل فل ڪورٽ جوڙيو وڃي ته جيئن ”پورو سپريم ڪورٽ“ هن آئيني تڪرار تي فيصلو ڏي. سندس چوڻ هو ته مان چاهيان ٿو ته فل ڪورٽ بڻجي، جيڪڏهن ڪو جج مناسب نه سمجهي ته هو نه ويهي. جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن سڀ 24 ججز ويهن ته ڇا مفادن جو ٽڪراءُ نه ٿيندو؟ وڪيل وڌيڪ چيو ته هي اصول آهي ته ننڍي بينچ وڏي بينچ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار نٿو ڏئي سگهجي. جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي خواهش ته انوکو لاڏلو راند لاءِ چنڊ گهري برابر آهي، اوهان نه ٻُڌايو ته هي فل ڪورٽ ڪيئن بڻجندو. بعد ۾ وڪيل شبر رضا رضوي دليل ڏيندي چيو ته هي ڪيس سپريم ڪورٽ طور تي سپريم ڪورٽ آڏو رکيو وڃي، نه ئي مخصوص آئيني بينچ آڏو. ان مطابق آرٽيڪل 176 ۽ 191 اي کي ملائي گڏ پڙهيو وڃي ته واضح آهي ته آئيني معاملا سپريم ڪورٽ ئي ٻُڌي سگهي ٿي. جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇيو ته جيڪڏهن پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي فل ڪورٽ جوڙي ته پوءِ آرٽيڪل 191 اي ٿري جي تقاضا ڇا هوندي؟ وڪيل شبر رضوي جواب ڏنو ته هي عدليه جي آزاديءَ جو معاملو آهي، ان بينچ کي تڪليف کڻڻي پوندي. بعد ۾ عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











