اسلام آباد-20 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته رواداري،گڏيل احترام ۽ برداشت تي ٻڌل معاشرو ئي حقيقي ترقي جو ضامن آهي، پارليامينٽ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. ڏياري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن هندو برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي …
پارليامينٽ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي: اسپيڪر سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته رواداري،گڏيل احترام ۽ برداشت تي ٻڌل معاشرو ئي حقيقي ترقي جو ضامن آهي، پارليامينٽ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. ڏياري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن هندو برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته پارليامينٽ ملڪ ۾ رهندڙ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته قومي يڪجهتي ۽ مذهبي آهنگي پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي جي ضامن آهي، پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ هر شهري کي پنهنجي مذهبي عقيدي ۽ رسمن موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.











