اسپارڪو پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل اسٽيلائٽ ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (اسپارڪو) وڏو سنگ ميل پار ڪندي پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽيڪل سيٽلائٽ (ايچ ايس-ون) چين جي سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ايچ ايس-ون جديد هائپر اسپيڪٽرل امچنگ ٽيڪنالاجي سان ليس هوندو جيڪو ڪيترن ئي سنهڙن اسپيڪٽرل بينڊز ذريعي ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (اسپارڪو) وڏو سنگ ميل پار ڪندي پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽيڪل سيٽلائٽ (ايچ ايس-ون) چين جي سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ايچ ايس-ون جديد هائپر اسپيڪٽرل امچنگ ٽيڪنالاجي سان ليس هوندو جيڪو ڪيترن ئي سنهڙن اسپيڪٽرل بينڊز ذريعي ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهو صلاحيت زمين جي استعمال، نباتات جي صحت، آبي وسيلن ۽ شهري ترقي جي صحيع نگراني ۽ تجزيي کي ممڪن بڻائيندو. اهو سيٽلائٽ صحيع زرعي منصوبه بندي، ماحولياتي نگراني، شهري منصوبه بندي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جهڙن اهم قومي شعبن ۾ صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪندو. ان جي اعليٰ معيار جي ڊيٽا سان وسيلن جي بهتر انتظام ۽ پاڪستان جي موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل چيلنجز جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايچ ايس-ون ترقياتي منصوبن خاص طور تي پاڪ- چين راهداري (سي پيڪ) تحت زميني خطرن جي نشاندهي ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. ايچ ايس-ون جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ اها اسپارڪو جي ان عزم جي تجديد آهي ته هو قومي ترقي لاءِ خلائي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڪاميابي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پرامن خلائي تحقيق ۽ ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ استعمال جي ڊگهي مدي واري سهڪار کي به ظاهر ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايچ ايس-ون منصوبي تي ڪم ڪندڙ پاڪستان ۽ چين جي سائنسدانن ۽ فني ماهرن کي ساراهيو آهي ۽ کين پيشيوراڻي مهارت ۽ شاندار سهڪار کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

مزید خبریں