پاڪستان جديد سائنسي تحقيق ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي پهرين هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ايڇ ايس ون جي خلا ۾ ڪامياب روانگي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جديد سائنسي تحقيق ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي عظيم ڪاميابي پاڪستان جي سائنسي، تحقيقي ۽ …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي پهرين هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ايڇ ايس ون جي خلا ۾ ڪامياب روانگي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جديد سائنسي تحقيق ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي عظيم ڪاميابي پاڪستان جي سائنسي، تحقيقي ۽ فني صلاحيت جي شاندار عڪاسي آهي. هن چيو ته قوم ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو علم، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي، اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ فني عملي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ قومي خلائي پاليسي ۽ ويزن 2047ع کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. هي سيٽلائيٽ زرعي رٿابندي، ماحولياتي نگراني، شهري رٿابندي ۽ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جديد سائنسي تحقيق ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي نوجوان نسل ۾ تحقيقي صلاحيت، خدمت جو جذبو ۽ عالمي معيار جي مهارت موجود آهي. ايڇ ايس ون سيٽلائيٽ جي لانچ پاڪستان جو پاڻڀرو ۽ فني خودمختياري طرف هڪ اهم قدم آهي، پاڪستاني نوجوان سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳتي وڌي ترقي يافته قومن ۾ پاڪستان جو نالو مستحڪم ڪن. هن چيو ته هي ڪاميابي پوري قوم لاءِ فخر جوڳي آهي، پاڪستاني قوم هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي صلاحيتن، عزم،حوصلي ۽ اتحاد سان هر چئلينج تي ضابطو آڻي سگهي ٿي.

مزید خبریں