وزيراعظم پاران جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي اپ گريڊ ٿيل جيو سائنس ايڊوانسڊ ريسرچ ليبارٽريز جو افتتاح

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي اپ گريڊ ٿيل جيو سائنس ايڊوانسڊ ريسرچ ليبارٽريز (جي اي آر ايل) جو افتتاح ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ غيرملڪي شخصيتن پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان منصوبي جو مقصد ملڪ جي معدني تحقيق جي …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي اپ گريڊ ٿيل جيو سائنس ايڊوانسڊ ريسرچ ليبارٽريز (جي اي آر ايل) جو افتتاح ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ غيرملڪي شخصيتن پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان منصوبي جو مقصد ملڪ جي معدني تحقيق جي صلاحيتن ۾ نمايان اضافي ۽ پاڪستان جي معدني شعبي جي ترقي طرف اعليٰ سطحي ڌيان ڇڪرائڻ آهي. ان ليبارٽري جو قيام شروعاتي طور تي 1991ع ۾ عمل ۾ آندو ويو هو، هاڻي ان کي مڪمل طور تي جديد رخن تي قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ان کي عالمي معيار موجب بڻائي سگهجي. چڪ شهزاد ۾ موجود ان جديد ترين ليبارٽري ڪمپليڪس کي ISO/IEC 17025 جي منظوري حاصل ٿي وئي آهي جيڪا ان جي جانچ ۽ ڪيليبريشن جي فني مهارت کي عالمي معيار موجب تسليم ڪري ٿي. ان اڳڀرائي جي نتيجي ۾ ليبارٽري هاڻي کاڻين جي کوٽائي جي ڪمپنين کي JORC ۽ NI 43-101 رپورٽنگ معيارن تحت ذخيرن جي ڪاٿي جي لاءِ گهربل عالمي سطح تي مڃيل تجزياتي انگ اکر فراهم ڪري سگهندي. جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي عملدارن موجب ان اپ گريڊيشن ۽ سرٽيفڪيشن سان معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ڇو ته هي ليبارٽري ان معتبر ڊيٽا جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي جنهن تي عالمي کاڻين جي کوٽائي جون ڪمپنيون ۽ مالياتي ادارا وڏي منصوبن جي لاءِ ڀاڙين ٿا. ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي شاندار ماضي جي بنياد تي اها سهولت معدني شعبي جي ترقي جي بدلجندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هاڻي هڪ جديد ترين تحقيقي ليبارٽري جي طور تي خدمتون سرانجام ڏيندي.

مزید خبریں