راولپنڊي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي فوج وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي سلسلي ۾ پاڪستان – قزاخستان گڏيل مشق دوستريمV- جاري آهي جيڪا 13 کان 24 آڪٽوبر 2025ع تائين اسپيشل آپريشنز اسڪول چيراٽ ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب پاڪ فوج جو اسپيشل سروسز گروپ ۽ قزاخستان آرمي جي اسپيشل فورسز مشق …
پاڪستان ۽ قزاخستان جي فوج وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي سلسلي ۾ پاڪستان – قزاخستان گڏيل مشق دوستريمV- جاري

مزید خبریں
راولپنڊي-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي فوج وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي سلسلي ۾ پاڪستان – قزاخستان گڏيل مشق دوستريمV- جاري آهي جيڪا 13 کان 24 آڪٽوبر 2025ع تائين اسپيشل آپريشنز اسڪول چيراٽ ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب پاڪ فوج جو اسپيشل سروسز گروپ ۽ قزاخستان آرمي جي اسپيشل فورسز مشق ۾ حصو وٺي رهيا آهن. مشق جي افتتاحي تقريب 14 آڪٽوبر 2025ع تي چيراٽ ۾ منعقد ٿي. مشق جو مقصد گڏيل تربيت ذريعي پيشيوراڻين مهارتن کي نکارڻ ۽ دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي عسڪري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي. مشق ۾ شريڪ جٿا گڏيل مهارت ۽ تجربي مان فائدو کڻي رهيا آهن.











