پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ 19 آڪٽوبر تي لانچ ڪيو ويندو

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان خلائي ميدان ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻندي جديد سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ 19 آڪٽوبر تي لانچ ڪيو ويندو. تفصيل موجب هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ معدني وسيلن جي ڳولا ۽ زراعت جي ترقي ۾ نيون راهون ڳوليندو، هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ماحولياتي تحقيق ۽ پاڻي جي ذخيرن جي بهتر استعمال ۾ …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان خلائي ميدان ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻندي جديد سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ 19 آڪٽوبر تي لانچ ڪيو ويندو. تفصيل موجب هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ معدني وسيلن جي ڳولا ۽ زراعت جي ترقي ۾ نيون راهون ڳوليندو، هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ ماحولياتي تحقيق ۽ پاڻي جي ذخيرن جي بهتر استعمال ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ زمين جي هيٺان لڪيل خزانن جي ڳولا ۾ به مدد فراهم ڪندو. جديد صلاحيتون رکندڙ سيٽلائيٽ پاڪستان جي بهتر مستقبل جي تعمير ۾ مثبت اڳڀرائي آهي. اها ٽيڪنالاجي پاليسي سازن ۽ محققن کي وقت سر ۽ ثبوتن تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. پاڪستان جو خلائي پروگرام ٽيڪنالاجي ۾ خودمختياري طرف هڪ وڏو قدم آهي.

مزید خبریں