اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد ملت لياقت علي خان کي سندس ورسي تي خوبصورت لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سندس ايمانداري، قومي اتحاد ۽ جمهوري اصولن سان وابستگي اڄ به مشعل راهه آهي، هن پاڪستان جي قيام کان پوءِ ملڪ جي تعمير ۽ استحڪام لاءِ تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته لياقت علي …
صدر پاران شهيد ملت لياقت علي خان کي سندس ورسي تي خوبصورت لفظن ۾ خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد ملت لياقت علي خان کي سندس ورسي تي خوبصورت لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سندس ايمانداري، قومي اتحاد ۽ جمهوري اصولن سان وابستگي اڄ به مشعل راهه آهي، هن پاڪستان جي قيام کان پوءِ ملڪ جي تعمير ۽ استحڪام لاءِ تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته لياقت علي خان جي ايمانداري، قومي اتحاد ۽ جمهوري اصولن سان وابستگي اڄ به مشعل راهه آهي. هن شهيد ملت لياقت علي خان کي سندس قومي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي باني اڳواڻن جي سونهري اصولن مان رهنمائي حاصل ڪندو رهڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد ملت لياقت علي خان جا درجا بلند ڪري.











