اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي ميمبر ايم اين اي مبارڪ زيب جي گهر تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. مذمتي بيان ۾ هن الله تعالي جو شڪر ادا ڪندي چيو ته حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، اسيمبلي ميمبر مبارڪ زيب سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته عوامي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ايم اين اي مبارڪ زيب جي گهر تي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي ميمبر ايم اين اي مبارڪ زيب جي گهر تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. مذمتي بيان ۾ هن الله تعالي جو شڪر ادا ڪندي چيو ته حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، اسيمبلي ميمبر مبارڪ زيب سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته عوامي نمائندن تي حملا جمهوريت ۽ آئين جي خلاف آهن . هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حملي ۾ ملوث عنصرن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي ادارن کي واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسپيڪر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي متاثر ڪٽنب کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته عوامي نمائندن ۽ انهن جي ڪٽنبن جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. رياست انهن عنصرن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي جيڪي عدم استحڪام ڦهلائڻ چاهين ٿا.











