اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) موسيماتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان وفاقي جمهوريه ايٿوپيا جي خاص ايلچي ۽ پاڪستان ۾ مقرر سفير جمال بيڪر عبدالله موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت ۾ ٻه طرفي ملاقات ڪئي ۽ گرين منصوبن ۽ ماحولياتي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جي اهم گرين ليگيسي انيشيئٽو کان آگاهه …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ايٿوپيا جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جولاءِ (اي پي پي) موسيماتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان وفاقي جمهوريه ايٿوپيا جي خاص ايلچي ۽ پاڪستان ۾ مقرر سفير جمال بيڪر عبدالله موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت ۾ ٻه طرفي ملاقات ڪئي ۽ گرين منصوبن ۽ ماحولياتي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير وفاقي وزير کي ايٿوپيا جي اهم گرين ليگيسي انيشيئٽو کان آگاهه ڪيو جيڪو 2019ع ۾ ماحول سان هم آهنگ ناتا قائم ڪرڻ ۽ محفوظ ۽ ترقي پسند معاشرتي ڍانچي جي جوڙجڪ جي مقصدن سان شروع ڪيو ويو. هن ٻُڌايو ته اهي قدم جٽادار ترقي ۾ عورتن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آهن. سفير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جهڙا ملڪ موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته عالمي نيڪال ۾ سندن حصو تمام گهٽ آهي، ان لاءِ عالمي سطح تي وقت سر قدمن ۽ جٽادار حڪمت عملي ضروري آهي. ٻنهي طرفان ايٿوپيا جي گرين ليگيسي انيشيئٽو ۽ پاڪستان جي گرين پاڪستان پروگرام وچ ۾ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، خاص طور تي علم ۽ مهارت جي ۽ وڏي پيماني تي وڻڪاري ۽ مقامي ڪميونٽي جي شموليت سان ماحول جي تحفظ جي منصوبن تي غور ڪيو ويو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ نوجوانن جي هاڪاري ماحولياتي عمل ۾ ڪردار کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پائيدار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان قيادت کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي. وفاقي وزير وزارت جي نوجوانن تي ٻَڌل گرين جدت جي هاڻوڪين ڪوششن جو ذڪر ڪيو جن ۾ پنج پاڪستاني گرين اسٽارٽ اپس کي سيويل، اسپين ۾ رٿيل ايس ڊي جي فيئر ۾ شرڪت لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي ته جيئن کين عالمي سيڙپڪاري تائين پهچ حاصل ٿي سگهي. اجلاس دوران وفاقي وزير پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي غذائي تحفظ جي امڪاني خدشن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار وسيلن جي انتظام، پاڻي جي اثرائتي استعمال ۽ ماحول دوست زرعي طريقن تي ٻَڌل مربوط حڪمت عملي اڻٽر آهي ته جيئن ڊگهي مُدي جو استحڪام پيدا ڪري سگهجي. ڌُرين ماحول جي تحفظ، جٽادار ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون قدمن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ٻئي ملڪ ۽ عالمي برادري لاءِ گرين ۽ محفوظ مستقبل جوڙي سگهجي.











